ڪراچي- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت ٻوڏ سبب متاثر ٿيل آبادگارن کي مفت ۾ ڪڻڪ جو ٻج فراه?? ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور و??اڻ چيو آهي ته ٻوڏ سبب متاثر ٿيل آبادگارن کي ربيع سيزن لاءِ 24 لک ايڪڙن لاءِ ڪڻڪ جو ٻج مفت ۾ ڏينداسين، جنهن جي فراهمي ايندڙ مهيني کان شروع ڪئي ويندي، سنڌ حڪومت ٻوڏ متا??رن کي گهر به ٺهرائي ڏيندي، اسان جي ڪوشش آهي ته ٻوڏ متا??رن کي روڪ رقم ڏيئون ته جيئن هو پنهنجا گهر پاڻ ٺهرائي سگهن. منظورو??اڻ جو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ميڊيا ڳالهائيندي وڌيڪ چوڻ هو ته مون کي 29 آڪٽوبر کان 29 نومبر تائين ڏينهن خطرناڪ نظر اچي رهيا آهن، مونکي هڪ مهينو خطرناڪ نظر اچي رهيو آهي ان دوران ملڪ ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. منظور و??اڻ عمران خان کي مشورو ڏيندي چيو ته عمران خان سيڪنڊ ليڊر شپ بجاءِ پاڻ سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪري، جيڪڏهن ڪو رستو نه ڪڍيو ويو ته حالتون خراب ٿينديون، جنهن سياستدانن جو وڏو نقصان ٿيندو. هن چيو ته عمران خان لانگ مارچ نه ڪندو ٿي سگهي ٿو ته هو ڪارڪنن کي پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ احتجاج ڪرڻ جو چوي، منهنجي خواهش آهي ته عمران خان نااهل نه ٿئي سياسي ميدان ۾ اچي مقابلو ڪري، ڪنهن اڳواڻ جي نااهل ٿيڻ جو مان مخالف آهيان. منظورو??اڻ چيو ته ڪجهه ماڻهون ٻاهر ايندا، ڪجهه ٻاهران ايندا ۽ ڪجهه اندر ويندا، عمران خان لاءِ ڏينهن خراب آهن، اليڪسڻ ڪڏهن ٿيندي اهو 29 نومبر کان پوءِ ٻڌائيندس ته عام چونڊون ڪڏهن ٿينديون، سنڌ ۾ ٻين پارٽين جو مستقبل ڪونهي ڪو، جي ڊي اي ختم ٿي چڪي آهي، فنڪشنل ليگ جي به پوزيشن گهٽ آهي.