اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته غلط ۽ جعلي خبرن جي عمر مختصر هوند?? آهي، پنهنجي موقف جي تصديق تي الله جي آڏو ڪنڌ جهڪايان ٿو، ٽن سالن تائين عمران خان منهنجي ڪردارڪشيءَ ڪئي هر حد پار ڪئي، بي بنياد الزامن سان منهنجو ۽ منهنجي خاندان جو مذاق اڏايو ويو، فت?? سچائي جي ٿيند?? آهي. ڊيلي ميل پاران غلط خبر ڇاپڻ تي معذرت ??ي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چ??و ته عمران خان ۽ ان جي حوارين مسلسل ٽي سال منهنجي ڪردارڪشيءَ جي هر حد پار ڪئي، انهن کي ان مهم دوران اهو خيال به نه آ??و ته ان جي ان ڪڌي مهم سان ملڪ جي ساک کي نقصان پهچندو ۽ ان جا دوست ملڪن سان لاڳاپا متاثر ٿيندا. وزيراعظم چ??و ته مون تي ۽ منهنجي خاندان تي بي بنياد الزام هنيا ويا پر مون کي الله تعاليٰ جي ذات ??ي پورو ڀروسو آهي رڳو اهو ئي ان جو ڪوڙ بي نقاب ڪري سگهي ٿو. غلط ۽ جعلي خبرن جي عمر مختصر هوند?? آهي فت?? سدائين سچائي جي ٿيند?? آهي ۽ ڊيلي ميل جي خبر اهو ثابت ڪيو آهي.