اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ سال اپريل کان وفاقي سرڪاري عمارتن ۽ آفيسن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آه?? ته قابل تجديد ۽ سستي توانائي ذريعن تي دارومدار وقت جي اهم ضرورت آه??، تيل ۽ گئس جو ساليانو درآمدي بل 27 ارب ڊالر ۽ گردشي قرص 2500 ارب رپين تائين پهچي ويو آه??، گذريل 30 سالن دوران توانائي جي شعبي ۾ سڌارا نه ڪيا ويا، پي ٽي آءِ حڪومت سستو تيل ۽ گئس خريد نه ڪري ڏوهاري غفلت جو مظاهرو ڪيو، نيب نيازي ڳٺ جوڙ احتساب جي نالي تي سياسي مخالفن کي بدترين انتقام جو نشانو بڻايو ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو رستو روڪي ڇڏيو، اتحادي حڪومت ملڪ جي معاشي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي آه??، آءِ ايم ايف جو پروگرام جاري رکڻ کانسواءِ ڪو چارو نه آه??. هن اهڙن خيالن جو اظهار شمسي توانائي بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته مهانگي درآمدي ٻارڻ جي ڪري ملڪ کي معاشي مسئلا درپيش آه??، روس – يوڪرين جنگ سان تيل جي عالمي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آه??، جنگ جي نتيجي ۾ عالمي سطح تي گئس جو به بحران پيدا ٿيو آه??، امير ملڪ من پسند قيمت تي گئس خريد ڪري رهيا آه??، اسرندڙ مُلڪ مهانگي اگهن تي گئس خريد ڪرڻ تي مجبور آه??، گذريل مالي سال دوران ملڪ کي 27 ارب ڊالر جو ٻارڻ ۽ گئس درآمد ڪرڻي پئي، اهو هڪ تمام وڏو چئلينج آه??، ڪورونا وبا دوران تيل ۽ گئس جون قيمتون گهٽ ٿي ويون هيون پر پي ٽي آءِ جي حڪومت سستو تيل ۽ گئس خريد نه ڪري بدترين غفلت جو مظاهرو ڪيو ۽ ملڪ کي معاشي مسئلن طرف ڌڪيو جنهن جو ڪِيتو قوم ڀوڳي رهي آه??. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي دور ۾ قطر سان گئس جي خريداري جو 15 سال جو 13 ڊالر في يونٽ تي معاهدو ڪيو ويو هو، اڄ دنيا ۾ گئس دستياب نه آه??، تيل جي قيمت تمام وڌيڪ آه??، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي قيادت هيٺ قائم ڪميٽي ڪجهه مهينن ۾ اهو منصوبو ٺاهيو ته اسان کي شمسي ۽ قابل تجديد ذريعن جي ا??تع??ال تي ڌيان ڏيڻو پوندو، هوا، پن بجلي ۽ شمسي توانائي جي ا??تع??ال سان تيل جي درآمدي بل ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي، مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي دور ۾ ديامير ڀاشا ۽ داسو ڊيمن تي ڪم شروع ٿيو، ان کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آه??، اهي ڊگهي مدي وارا منصوبا آه?? جن جي لاءِ کربين رپيا گهربل آه?? ۽ اهي 6 کان 7 سالن ۾ مڪمل ٿيندا، مسلم ليگ (ن) هزارين ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ڪري لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو، سي پيڪ تحت به ڪيترائي پاور پلانٽس لڳايا ويا، پورٽ قاسم ۽ ساهيوال ۾ ڪوئلي سان بجلي پيدا ڪرڻ جا منصوبا شروع ڪيا ويا، 2015ع ۾ 20، 20 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ هئي جنهن سان برآمدات، صنعتن ۽ زراعت کي نقصان پهتو پر ميان نواز شريف ايل اين جي جا پلانٽس هڻي ان لوڊشيڊنگ کي 2018ع جي اليڪشن کان اڳ ختم ڪري ڇڏيو هو. وزيراعظم چيو ته گذريل 30 سالن دوران توانائي جي شعبي ۾ ڪي سڌارا نه ڪيا ويا ۽ ان جي ذميوار آمريت ۽ سياسي حڪومتون به آه??، اسان کي توانائي جي شعبي ۾ سڌارا ڪرڻا پوندا، انهي جي ڪري گردشيقرض جو مسئلو به پيدا ٿيو، بجلي چوري، لاسز ۽ بلن جي عدم ادائيگي به ان ۾ شامل آه?? ۽ اهو هڪ وڏو چئلينج بڻجي چڪو آه??، گردشي قرض هاڻي 2500 ارب رپين تائين پهچي ويو آه?? جڏهن ته وفاقي پي ايس ڊي پي 700 ارب رپيا آه?? جنهن کان گردشي قرض چنئوڻ تي وڌي چڪو آه??، 8 مهينن جي حڪومت 30 سالن جي خامين کي ختم نه ٿي ڪري سگهي پر شروعات ڪرڻي پوندي ۽ عزم سان ڪم ڪرڻو پوندو، قوم کي اهو به معلوم هجڻ گهرجي ته بدانتظامي ۽ ڪرپشن کانسواءِ ڪهڙا چئلينج درپيش آه??. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي حڪومت احتساب جي نالي تي سياسي مخالفن کي بدترين انتقام جو نشانو بڻايو، بيوروڪريسي جي خلاف به ڪيس ٺاهيا ويا، نيب نيازي ڳٺ جوڙ جو بدترين انتقام ۽ بربريت فاشسزم جي برابر آه??، انهن انتقامي ڪاررواين سان سرڪاري آفيسرن جي به دل شڪني ٿي ۽ ان سان ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو رستو روڪيو ويو، عمران نيازي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۽ خوشحالي جو رستو روڪيو ۽ ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهچايو. وزيراعظم چيو ته 10 هزار ميگاواٽ جي شمسي توانائي جي منصوبي جي شروعات ٿي چڪي آه??، لائين لاسز ۽ بجلي چوري گردشي قرضن ۾ اضافي جا وڏا سبب آه??، مهانگائي ۾ پيڙهيل عوام جون اسان مان تمام گهڻيون اميدون آه??، عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آه??ون، قائداعظم جي اصولن موجب ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ اسان جو فرض آه??. هن چيو ته قابل تجديد ۽ سستي توانائي ذريعن تي دارومدار وقت جي اهم ضرورت آه??. هن چيو ته توانائي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مقامي ڪوئلي کي به ا??تع??ال ۾ آڻي رهيا آه??ون، شمسي توانائي جي ا??تع??ال سان اربين ڊالر جي بچت ٿيندي. وزيراعظم چيو ته مهانگائي ۾ پيڙهيل عوام جون اسان مان تمام گهڻيون اميدون آه??، مخلوط حڪومت عوام تي بار نه ٿي وجهڻ چاهي پر آءِ ايم ايف سان اڳوڻي حڪومت معاهدي جي خلاف ورزي ڪئي جنهن جي ڪري آءِ ايم ايف به اعتماد ڪرڻ لاءِ تيار نه آه??، جيڪڏهن آبادگارن کي يا زرعي شعبي کي سبسڊي ڏيڻي هجي يا ٻوڏ متاثرين جي امداد ڪرڻي هجي ته اسان کي آءِ ايم ايف سان رجوع ڪرڻو پوي ٿو، آءِ ايم ايف پروگرام کي جاري رکڻ کانسواءِ ڪو چارو نه آه??، اسان کي عوام جو اعتماد بحال ڪرڻو آه??، عوام کي مهانگائي جي بار مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ فوري اهڙا قدم کڻڻا پوندا جن سان زرعي ۽ صنعتي شعبا ترقي ڪن، اسان کي بچت طرف به وڃڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته عوام تي مهانگائي جو بار گهٽ ڪرڻ جو فوري قدم شمسي توانائي جو ا??تع??ال آه??، بهاولپور ۾ پهرين قائداعظم سولر پارڪ جو اسان بنياد رکيو هو جنهن جو ٽيرف نيپرا 17 سينٽ کان گهٽ ڪري 13 سينٽ تي آندو هو، اهي سمورا قدم ٽيم ورڪ جو نتيجو هوندا آه??، اسان اهو منصوبو شفاف طريقي سان لڳايو پر ان جي خلاف به بي بنياد ۽ بيهوده پروپئگنڊه ڪئي وئي ڇو ته هڪ لاڏلي کي تيار ڪيو پئي ويو، سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس پنجاب ۾ 56 ڪمپنين جي خلاف ڪارروائي ڪئي پر انهن ڪمپنين جي معاملن ۾ هڪ رپئي جي به ڪرپشن ثابت نه ٿي سگهي جڏهن ته قوم جو وقت ضايع ڪيو ويو، اهڙي طرح سرڪاري آفيسرن کي بدنام ڪري ترقي جي رفتار روڪي وئي. وزيراعظم چيو ته سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آه??، متبادل توانائي جي ترقي جو بورڊ ان سلسلي ۾ سموري خريداري جو مجاز هوندو ۽ هر وزارت ۽ کاتي جي پنهنجي فنڊنگ هوندي، ان جي لاءِ ڪا اضافي رقم به گهربل نه هوندي، ايندڙ سال اپريل کان سمورين وفاقي عمارتن ۽ آفيسن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو، ان سلسلي ۾ واڪ جو سمورو عمل شفاف هوندو ۽ ٿرڊ پارٽي آڊٽ به ٿيندي، اسان جي لاءِ هڪ هڪ ڊالر هن وقت قيمتي آه?? ۽ شمسي توانائي تي سرڪاري عمارتن جي منتقلي سان قومي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي، جنهن وزارت جي عملدرآمد جي رفتار تيز ۽ بهتر هوندي ان وزارت جي وزير ۽ سيڪريٽري کي انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽس ڏنا ويندا. هن چيو ته شمسي توانائي جي لاڳت هن وقت 3 سينٽ في يونٽ آه??، ان سان اربين ڊالر جي بچت ٿيندي، آبادگارن کي جيڪا بجلي 24 رپيا في يونٽ ملي رهي آه?? شمسي توانائي تي منتقلي سان 8 رپيا في يونٽ ملندي، اهو اسان جي بقاءَ جو معاملو آه??، زراعت، صنعت، ڪاروبار، تعليمي ادارن ۽ اسپتالن سڀني کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ قومي خدمت هوندي. هن چيو ته صوبائي وڏا وزير، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جون حڪومتون به شمسي توانائي جي ا??تع??ال کي فروغ ڏين، وفاقي حڪومت ان ۾ مڪمل تعاون ڪندي، اپريل تائين وفاقي حڪومت جي سمورين آفيسن ۽ سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو.