اسلام آباد– 02 ??? ف??بروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پشاور ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ قيمتي جانيون زيان ٿيڻ تي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪرڻ وارن دوست ملڪن جو ٿورو ادا ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو دوست ملڪن پاران مشڪل جي ان گهري ۾ يڪجهتي جي اظهار جو قدر ڪري ٿو. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستاني عوام جي تعاون سان اسان دهشتگردن کي ??يڀ??ٽي ڇڏينداسين ۽ پنهنجي زمين تان انهن جو خاتمو ڪنداسين.