اسلام آباد – 06 – فيب??ور?? (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ترڪيه، شام ۽ ??ين پاڙيسري ملڪن ۾ زلزلي سبب تباهي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته قدرتي آفتن سان تباهي جي شدت دنيا جو اجتماعي ڌيان گهري رهي آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته ترڪيه، شام ۽ ??ين پاڙيسري ملڪن ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي ۾ وڏي جاني نقصان سبب ڏک آهي. متاثر خاندانن سان دلي همدردي آهي. هن چيو ته دنيا قدرتي آفتن جي مقابلي لاءِ متحد نه ٿي ته ڪير به نه بچندو. هن چيو ته ڏک ۽ تڪليف جي هن گهڙيءَ ۾ متاثر ملڪن جي عوام سان گڏ آهيون، الله تعاليٰ مارجي ويلن جي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرما??ي. ??طلاعات واري وزير زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي.