اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه جي علائقي آديامان ۾ زلزلي سان تمام گهڻي ??باهي ٿي، زلزلي متاثرين جون دل ڏکوئيندڙ ڪهاڻيون ٻڌڻ هڪ انتهائي تڪليف ڏيندڙ تجربو هو. پن??نجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته زلزلي سان تمام گهڻي ??باهي ڏسي سگهجي پئي. وزيراعظم چيو ته هن هڪ ??وجوان سان ملاقات ڪئي جيڪو پن??نجي والدين ٻنهي (ماءُ ۽ پيءُ) کان محروم ٿي ويو. الله تعاليٰ متاثرين کي ان مصيبت مان ڇوٽڪارو ڏي.