اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جو ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ واپس پاڪستان پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم قطر جي دوري دوران اسر??دڙ ملڪن جي ڪانفرنس جي پنجين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. هو قطر جي امير پاران ڪانفرنس ۾ شريڪ ملڪي سربراهن ۽ وزيراعظمن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ به شريڪ ٿيو. وزيراعظم سومر ڏينهن ڪانفرنس ج?? اجلاس کي خطاب به ڪيو، جنهن کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو.