ڪراچي – 06 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽ?? جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي هندو برادري سميت سڄي دنيا ۾ هولي ملهائيندڙن کي رنگن جي ڏڻ جي مبارڪباد ڏني آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل ??ار??ن جاري بيان موجب پيپلزپارٽ?? جي چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هولي جو ڏڻ معاشري ۾ ڀائيچار?? جي فروغ ۽ تلخين کي وساري اڳتي وڌڻ جي علامت آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جي هندو برادري جو ملڪ جي ترقي ۽ قوم سازي ۾ سدائين فخر جوڳو ڪردار رهيو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 1973ع جو آئين جيڪو ملڪ جي پهرين چونڊيل وز??را??ظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو قوم کي هڪ تحفو آهي، اقليتن سميت سمورن شهرين کي هڪ جهڙا حق ڏي ٿو. هن چيو ته هر قسم جي امتياز جو خاتمو، رواداري کي فروغ ۽ مس??وا?? تي بيٺل معاشري جو قيام پاڪستان پيپلزپارٽي جو نصب العين آهي. هن چيو ته بطور قوم جي باني وڏن جي نظري?? جي واحد علمبردار پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي بابت پنهنجي اڻٿڪ عزم سان گڏ بيٺل آهي.