اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان بيجنگ ۾ چين جي پرڏيهي وزير ڪن گي??گ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي سيڪريٽ??ي ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۽ چين ڀائر ملڪ، قابل اعتماد دوست ۽ امن ۽ ترقي جي لاءِ پائيدار حصيدار آهن. پرڏيهي سيڪريٽري سان ڳالهائيندي ڪن گينگ چين پاڪستان اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پ??رٽنرشپ جي لاءِ چين جي پڪي عزم ??ي ورجايو ۽ پاڪستان کي هر قسم جي تعاون جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو. چين جي پرڏيهي وزير ڪن گينگ ۽ پرڏيهي سيڪريٽ??ي اسد مجيد خان اڀرندڙ علائقائي ۽ عالمي حالتن ۾ چين پاڪستان اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي اهميت ??ي ورجايو ۽ گڏيل لاڳاپن ۾ مستحڪم رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن نومبر 2022ع ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بيجنگ جي دوري دوران طئي ٿيندڙ اتفاق راءِ ??ي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ)، واپار ۽ سيڙپڪاري، مالي تعاون، سماجي تعاون، اقتصادي ترقي، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن سميت متنوع ڊومينز ??ي وڌيڪ اڳت?? وڌائي سگهجي.