اسلام آباد – 27 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڊنمارڪ ۾ قران پاڪ جي بي حرمتي جي هڪ مڪروه فعل جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته اهڙي ڄاڻ?? واڻي گهٽيا حرڪت مسلمانن ۽ انهن جي عقيدي خلاف وڌند?? نفرت، نسل پرستي ۽ فوبيا جو هڪ پريشان ڪندڙ مظهر آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق اهڙي ريت جي سوچيل سمجهيل ڪارروائين جو بار بار ٿيل قانوني فريم ورڪ جي افاديت تي سواليه نشان آهي جنهن جي پٺيان اسلامو فوبيا ۾ ملوث ماڻهو لڪيل منافقت کي هوا ڏين ٿا، بيان ۾ چيو ويو آهي، ته اظهار جي آزادي جي حق کي ڪنهن به مذهب جي مقدس ڪتابن يا شخصيتن جي ڄاڻ?? واڻي توهين ڪرڻ لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي. ترجمان چيو ته اسان سمورن رياستن کان مطالبو ڪيون ٿا ته هو ان??ان?? حقن جي عالمي قانون ۾ داخل ذميوارين ۽ فرضن مطابق اهڙين ڪارروائين جي روڪٿام لاءِ قانوني رڪاوٽون پيدا ڪ??ي. ??يان ۾ چيو ويو ته اسان ان??ان?? حقن جي عالمي مشينري کان مطالبو ڪيون ٿا ته هو اهڙن قدمن خلاف آواز اٿارين جيڪي صر?? عقيدي جي بنياد تي مسلمانن خلاف نفرت، اڻبرابر?? واري سلوڪ ۽ تشدد کي هوا ڏين ٿا.