لاهور – 11– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف لاهور ۾ بيديان روڊ تي قائم اٽو ورهائڻ واري مرڪز جو دورو ڪيو. وزيراعظم مرڪز ۾ ايندڙ ماڻهن کان انهن جي مسئلن بابت پڇيو ۽ پاڻ پنهنجي هٿن سان مستحقين ۾ اٽي جا ٿيلها ورهايا. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز ش??يف مرڪز ۾ ايندڙ ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ملڪي تا??يخ ۾ پهريون ڀيرو غريب عوام کي مفت اٽو فراهم ڪيو پيو وڃي، ان پروگرام تحت هر خاندان کي 10 ڪلوگرام اٽي جا 3 ٿيلها مفت ڏنا پيا وڃن ۽ اتي جي ورڇ جو اهو ??لس??و 25 رمضان تائين جاري رهندو. ياد رهي ته عوامي شڪ??يتن جي ازالي لاءِ شڪ??يت سيل پڻ قائم ڪيا ويا آهن.