ڪراچي – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو راز اتحاد ۽ يڪجهتي ۾ آهي، ڪي – فور منصوبي کي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ اولين ترجيح تي رکنداسين، اتحادي پارٽين جي گڏيل م??اورت، ڪابينا ۽ پارليامينٽ ۾ اتحاد ۽ اتفاق گذريل هڪ سال دوران ڪئي ويندڙ انهن سمورين سازشن کي دفن ڪري ڇڏيو جن جون ڪڙيون سمنڊ پار تائين آهن، 9 مئي تي شرپسندن عمران خان جي اتساهڻ تي فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا، ان جي ذميوارن کي قانون موجب سزا ڏني ويندي. ڪي – فور منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي و??يراعظم چيو ته ان تقريب ۾ خوشي ٿي ته هن شهر جون ٻه وڏيون پارٽيون پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جيڪي وفاق ۾ حڪومت جو حصو آهن، انهن جي اڳواڻن دل ۾ مٺيون ڳالهيون ڪيون جيڪي قومي يڪجهتي ۽ هن ملڪ جي امن لاءِ خوش آئنده آهن، ان ۾ ئي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو راز لڪل آهن، اتفاق ۽ اتحاد ۾ برڪت آهي، وفاق جي اتحادي حڪومت گذريل هڪ سال جي چئلينجز، گڏيل م??اورت ۽ ٻڌي سان ان کي منهن نه ڏي ها ته اڄ صورتحال بلڪل م??تلف هجي ها، گڏيل م??اورت ۽ اتحاد سان گذريل سال جي بدترين ٻوڏ، م??انگائي، آءِ ايم ايف سان لاڳاپيل م??ئلن ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملي، م??ڪ ۾ هڪ سال کان سياسي افراتفري پيدا ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪئي و??ي جنهن جي 9 مئي جي المناڪ ترين واقعن تي ان جي پڄاڻي ٿي، پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو هڪ ڪارو ترين ڏينهن هو، اتحادي پارٽين جي گڏيل م??اورت، ڪابينا ۽ پارليامينٽ ۾ اتحاد ۽ اتفاق گذريل هڪ سال دوران ڪئي ويندڙ انهن سمورين سازشن کي دفن ڪري ڇڏيو جن جون ڪڙيون سمنڊ پار تائين آهن. هن چيو ته جهڙي طرح 9 مئي تي عظيم شهيدن ۽ غازين جي يادگارن ۽ فوجي ٺڪاڻن تي عمران نيازي جي اتساهڻ تي انهن جٿن حملا ڪيا اهو تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي، انهن واقعن تي شهيدن جي و??رثن جون اکيون آليون ۽ دل ڏکويل آهن، تڪريم شهداءِ ڪنوينشن ۾ ڏيکاري ويندڙ ڊاڪيومينٽري تي هر اک ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي، شهيد قوم جا عظيم فرزند آهن جن وطن جي خاطر پنهنجون جانيون ڏئي قوم جي ٻارن کي يتيم ٿيڻ کان بچايو، هڪ سال جي سياسي افراتفري جي ڪري پاڪستان جي ترقي جو سفر متاثر ٿيو. وزيراعظم چيو ته بلاول ڀٽو زرداري منهنجي لاءِ جن جذبن جو اظهار ڪيو ان تي ان جو ٿورائتو آهيان، گڏجي ملڪ جا مسئلا حل ڪنداسين ۽ ملڪ جي ٻيڙي کي ڪناري تي لڳائينداسين، مشڪلاتون ۽ چئلينجز آهن جڏهن ته اسان حوصلو نه هارينداسين، م??انگائي سميت انهن بحرانن ۽ چئلينجن کي شڪست ڏينداسين. هن چيو ته جهڙي طرح ڪي – فور منصوبي کي سردخاني جي حوالي ڪيو ويو ۽ ان تي سياست ڪئي و??ي اها افسوسناڪ ڳالهه آهي، اڳوڻي و??يراعظم پاران ان منصوبي ۾ ڪ??پش?? ۽ چور چور جا الزام هڻي ڪراچي جي عوام کي پيئڻ جي پاڻي کان محروم ڪيو ويو، هو سنڌ حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم کي گڏ ويهاري ان منصوبي کي مڪل ڪري ها، ان اڳوڻي و??يراعظم پاڪستان جي هر منصوبي ۽ هر شعبي ۾ فتني تي ٻڌل سوچ اختيار ڪئي، انا پرستي رکندڙ اهو شخص ڏينهن رات چور چور ۽ ڌاڙيل ڌاڙيل جا نعرا هڻندو رهيو ۽ اڄ جڏهن پاڻ ڪ??پش?? ۾ پڪڙيو ويو ته جلاءُ گهيراءُ ڪرائڻ تي لهي آيو. هن چيو ته ملڪ ۾ وڏا حادثا ٿيا پر ڪنهن به سياسي پارٽي يا ليڊر فوجي ٺڪاڻن تي حملن جي ڳالهه نه ڪئي، قائداعظم جي گهر تي حملو نه ڪيو. وزيراعظم چيو ??ه ڪي – فور منصوبي کي فوري طور تي مڪمل ٿيڻ گهرجي، ڪجهه سببن جي ڪري منهنجا دورا التوا جو شڪار ٿيا، واپڊا چيئرمين جڏهن اين ايل سي جو ڊي جي هو ته ان کان ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪرايا، ڪي – فور منصوبي جي پڄاڻي ۾ به اهڙي طرح جي ڪارڪردگي ڏيکارينداسين. هن واپڊا چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هو تسلسل سان ان منصوبي جي پرگهور لهي، صوبائي حڪومت ان سلسلي ۾ مڪمل تعاون ڪندي. وزيراعظم چيو ته منهنجي لاءِ هي منصوبو سمورن منصوبن کان وڌيڪ اهميت رکندڙ آهي، ڪراچي جي ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي انهن جو حق آهي، هتي پاڻي خريد ڪيو وڃي ٿو، ڪراچي پاڪستان جي معيشت جو گيٽ وي آهي، سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس هي شهر ڏي ٿو، جيڪڏهن انهن کي پيئڻ جو پاڻي دستياب نه آهي ته اهو ڪنهن به صورت ۾ جائز نه آهي، ان منصوبي کي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ اولين ترجيح تي رکيو ويندو ته جيئن اهو منصوبو مڪمل ٿئي. هن ان موقعي تي خاص معاون طارق باجوه کي هدايت ڪئي ته ان منصوبي تي خصوصي ڌيان ڏيڻو آهي ۽ ان جي لاءِ فنڊز مهيا ڪرڻا آهن، ان سلسلي ۾ ڪو جواز برداشت نه ڪنداسين. هن چيو ??ه ڪي – فائيو جي لاءِ پاڻي جي فراهمي ۾ مسئلا آهن، 1991ع جي پاڻي جي معاهدي ۾ ڪراچي جي لاءِ جيڪڏهن جدا کان ڪا ڳالهه ڪئي و??ي آهي ته ان کي ڏسنداسين. هن چيو ته 9 مئي جي و??قعن تي قائد کان اسان شرمنده آهيون، جيڪڏهن ڪيپيٽل هل تي حملي جي ذميوارن کي سزائون جائز آهن ته 9 مئي جي و??قعن تي جيڪڏهن ذميوارن کي قانون موجب سزائون ملن ٿيون ته ان تي ڪنهن کي اعتراض نه هجڻ گهرجي.