اسلام آب??د – 02 – مئي (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي آزادي جي جدوجهد ۾ ان??ن سان گڏ بيٺل آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقي جي لاءِ پاڪستان حڪومت هر ممڪن تعاون ڪندي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزي??اع??م ان??ارالحق جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وزي??اع??م شهباز شريف ان??ارالحق کي آئيني ۽ جمهوري عمل جي ذريعي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزي??اع??م جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزي??اع??م محمد شهباز شريف وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقي جي لاءِ پاڪستان حڪومت هر ممڪن تعاون ڪندي. وزي??اع??م آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقياتي فنڊز جي حوالي سان مسئلا جلد کان جلد حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وزي??اع??م چيو ته پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي آزادي جي جدوجهد ۾ ان??ن سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان حڪومت ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي لاءِ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي غاصباڻي حربن سان ڪشميرين جو آواز دٻائي نه ٿو سگهي، 5 آگسٽ 2019ع ڀارت جو غيرقانوني قدم انساني حقن تي ڪاري ضرب آهي، گڏيل قومن سميت عالمي برادري کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، پاڪستاني قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي آزادي جي جدوجهد ۾ ان??ن سان سدائين گڏ بيٺل رهندي. وزي??اع??م چيو ته اسان هر عالمي فورم تي ڪشميرين تي ڀارت پاران ڪيل ظلمن کي دنيا آڏو بي نقاب ڪيو. وفد ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت جا وزير ڪرنل (ر) وقار نور، فيصل ممتاز راٺور، قانونساز اسيمبلي ميمبر چوڌري لطيف اڪبر شامل هئا. ملاقات ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو صدر شاهه غلام قادر، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو اڳوڻو وزي??اع??م راجا فاروق حيدر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي (آزاد ڄمون ۽ ڪشمير) جو صدر چوڌري ياسين موجود هئا. ان موقعي تي ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، وزي??اع??م جو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو صلاحڪار قمر زمان ڪائره پڻ موجود هئا.