اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? مريم اورنگزيب چيو آهي ته بارودي ذهن ۽ دل ۾ نفرت جي باهه رکندڙ گمراهن قومي وقار، يادگارن، ايمبولينسن سان گڏوگڏ تاريخي، ??اد?? ۽ ناياب ورثي ريڊيو پا??ست??ن پشاور کي ساڙي راک ڪري ڇڏيو، انهن ظالمن کي ڏوهن جو حساب ڏيڻو پوندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي ??زي?? ريڊيو پا??ست??ن پشاور جي سڙي ويل عمارت جي وڊيوز شيئر ڪندي چيو ته سوچيل سمجهيل، منظم منصوبابندي ۽ ذهن سازي تحت وطن فروشن 9 مئي تي ريڊيو پا??ست??ن جي عمارت کي باهه ڏئي وڏو ڏوهه ڪيو. ريڊيو پا??ست??ن پشاور تان آزادي ۽ پا??ست??ن جي قيام جو تاريخي اعلان ٿيو هو. 1932ع ۾ قائم ٿيندڙ هي قديم ترين ريڊيو آهي جيڪو بنا تار لهرن جي خالق مارڪوني ان وقت جي سرحد جي وڏي ??زي?? (موجوده خيبرپختونخواهه) عبدالقيوم خان جي درخواست تي تحفو ڏنو هو ۽ نصب ڪرڻ هو پاڻ لنڊن مان هتي آيو هو. هن چيو ته بارودي ذهن ۽ دل ۾ نفرت جي باهه رکندڙ گمراهن قومي وقار، يادگارن، ايمبولينسز سان گڏ تاريخ ئي ساڙي ڇڏي، ??اد?? ۽ ناياب ورثو راک ڪري ڇڏيو، انهن ظالمن کي ڏوهن جو حساب ڏيڻو پوندو. گهڙي وڪرو ڪندڙ تاريخي تحفو ??نا??َ جي باهه ۾ ساڙي راک ڪري ڇڏيو.