اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته الحمدالله آءِ ا??م ايف سان 9 مهينن جي لاءِ 3 ارب ڊالر ??و اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ معاهدو طئي ٿي ويو آهي. اهو انتظام پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مضبوط، معاشي استحڪام ۽ ملڪ کي پائيدار اقتصادي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. پن??نجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ ان جي ٽيم ??ي ان ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته تعاون ۽ حصيداري تي آءِ ا??م ايف جي ايم ڊي ۽ ان جي ٽيم جا به ٿورا مڃان ٿو.