اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي حڪومت کا?? مطالبو ڪيو آهي ته هو ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ شهرين جا عدالت کا?? مٿانهان قتل کي بند ڪري ۽ ڪشميري عوام جي خلاف طاقت جي انڌاڌند استعمال کا?? پاسو ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته هن عيد تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اسان جي ڀينرن ڀائرن کي هڪ ڀيرو ٻيهر عيد جي خوشين ۾ شرڪت کا?? روڪيو ويو. هن چيو ته قابض عملدارن سرينگر جي تاريخي جامع مسجد ۽ مرڪزي عيدگاهه ۾ عيد جي نماز جي ادائيگي تي پابندي لڳائي ڇڏي، جامع مسجد جي مهتمم ۽ ناليوارو ڪشميري اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق آگسٽ 2019ع کا?? مسلسل گهر ۾ نظربند آهي ۽ هو 200 کا?? وڌيڪ هفتن کا?? جامع مسجد ۾ ??مع?? جي اجتماعن کي خطاب نه ڪري سگهيو. ترجمان چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته مير واعظ عمر فاروق کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ڪشميرين تي هنيل انهن پابندين کي ختم ڪيو وڃي جيڪي انهن کي آزادي سان پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ کا?? روڪين ٿيون. ترجمان چيو ته هلندڙ هفتي اسان ڪشميري نوجوان اڳواڻ برهان مظفر واني کي پڻ ي??د ڪريون ٿا، جنهن جي ستين ورسيءَ 8 جولاءِ تي ملهائي ويندي. برهان واني انهن سوين ڪشميري نوجوانن مان هڪ هو جيڪو ڀارتي قابض فوج جي هٿان عدالت کا?? مٿانهون قتل جو نشانو بڻيو. هن چيو ته ڪشميري عوام جي مقامي تحريڪ آزادي جي آواز جي طور تي ان کي خراج عقيدت پيش ڪندي اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي حڪومت کا?? مطالبو ڪريون ٿا ته اها عدالت کا?? مٿانهان قتل بند ڪري ۽ ڪشميري عوام جي خلاف طاقت جي انڌانڌند استعمال کا?? پاسو ڪري.