اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قوم کي نئين اسلامي سال جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته دُعا آهي ته هي نئون سال پاڪستان ۽ اسلامي دنيا جي لا??ِ امن، ترقي ۽ خوشحالي جو سال هجي، سيدنا امام حسين رضه الله عنه ۽ سندس جانثار ساٿين سچائي ۽ عدل ۽ انصاف جي اصولن کي برقرار رکڻ جي لا??ِ لا??وال قربانيون ڏنيون. ڏاڍ جي خلاف سندن پختي يقين، جرئت، قرباني ۽ لگن جو لا??وال مثال آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هجري سال 1445هه جي شروعات ??ي قوم جي نالي پيغام ۾ چيو ته پوري قوم ۽ مسلمان امت کي منهنجي پاران نئون اسلامي سال مبارڪ هجي. منهنجي اها دعا آهي ته هي نئون سال پاڪستان ملڪ ۽ اسلامي دنيا جي لا??ِ امن، ترقي ۽ خوشحالي جو سال ثابت ٿئي. هن اها به دعا ڪئي ته هن نئين سال ۾ پوري دنيا ۾ جتي جتي به مسلمان مصيبتن جو شڪار آهن انهن جي لا??ِ الله رب العزت بي شمار آسانيون پيدا ڪري، ڪشمير ۽ فلسطين جي ماڻهن تي ڇانيل ظلم ۽ ڏاڍ جي اونداهي ختم ٿئي ۽ اتي امن ۽ آشتي جي صبح روشني اسان جي مسلمان ڀينرن ڀائرن جي زندگي ترقي ۽ خوشحالي سان روشن ڪري ڇڏي. وزيراعظم چيو ته نئون اسلامي سال تاريخ جي انهن تلخ لمحن جي به ياد ڏياري ٿو جڏهن حق ۽ باطل ??ي معرڪي ۾ آل رسول ﷺ حضرت امام حسين رضه الله تعاليٰ عنه جي قيادت ?? پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري رهندڙ دنيا تائين امر ٿي ويا. هن چيو ته سيدنا امام حسين رضه الله عنه ۽ سندس جانثار ساٿين سچائي ۽ عدل ۽ انصاف جي اصولن کي برقرار رکڻ جي لا??ِ لا??وال قربانيون ڏنيون، ڏاڍ جي خلاف انهن جي پختي يقين، جرئت، قرباني ۽ لگن جو لا??وال مثال آهي، هي واقعو اسان کي همدرديءَ، انصاف ۽ اتحاد جي انهن قدرن جي ياد ڏياري ٿو جيڪي اسان جي ايمان جو مرڪزي جز آهن ۽ اسان کي ناانصافي ۽ ڏاڍ جي خلاف بيهڻ ۽ هڪ اهڙي معاشري جي لا??ِ ڪم ڪرڻ جو درس ڏين ٿا جتي امن، هم آهنگي ۽ گڏيل احترام غالب هجي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اچو اسان وچن ڪريون ته اسان پنهنجي نبي محمد ﷺ۽ توهان جي صحابه پاران قائم ڪيل اعليٰ صفات ??ي تقليد ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، اچو اسان پنهنجي اختلافن سان قطع نظر رواداري، اف??ام تفهيم ۽ هڪ ٻئي جي لا??ِ احترام کي فروغ ڏيون، اچو هڪ اهڙي معاشري جي تعمير جي لا??ِ ڪم ڪريون جيڪو سماجي انصاف، برابري ۽ همدرديءَ جي اصولن کي برقرار رکي. منهنجي اڄ جي ڏينهن رب جي آڏو اها دعا آهي ته جيئن هن ان هڪ سال جي گهٽ مدي ۾ پاڪستان جي لا??ِ اسان جون محنتون ۽ رياضتون قبول ڪيون ۽ اسان جي معاشي مشڪلاتن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ڪئي، ائين ئي هو پاڪستان کي سدائين جي لا??ِ انهن مشڪلاتن مان ڪڍي، اسان جي پياري ملڪ کي ترقي ۽ معاشي خوشحالي جو گهرارو بڻائي، منهنجي اها به دعا آهي ته هي نئون سال پاڪستان جي هر گهر ۾ برڪتون، امن ۽ خوشحالي آڻي ۽ اسان پنهنجي اختلافن کان مٿانهون ٿي هڪ قوم طور متحد ٿي وڃون ۽ پنهنجي پياري ملڪ جي روشن مستقبل جي لا??ِ ڪم ڪريون، پاڪستان پائنده باد.