جنيوا-13 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان او آءِ سي جي نمائندگي ڪندي اولهه تي الزام لڳايو آهي ته اهي مذهبي نفرت کي روڪڻ جي پنهنجي عزم ۾ رڳو بيان بازيءَ جو ڪم ڪري رهيا آهن. جنيوا ۾ گڏيل قومن لاءِ پاڪستان جي مستقل نمائندي خليل هاشمي 47 رڪني ڪائونسل جي ا??لاس بعد چيو ته اجلاس ۾ ٺهراءَ جي مخالفت انهن مل??ن طرفان ڪئي وئي جيڪي قرآن پاڪ يا ڪنهن ٻئي مذهبي ڪتاب جي سرِعام بي حرمتي ڪرڻ تي راضي ناهن. آمريڪا، يورپي يونين ۽ برطانيه ٺهراءَ جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته کين انساني حقن ۽ اظهار جي آزاديءَ بابت ٺهراءَ ۾ پيش ڪيل نڪته نظر سان اختلاف آهي. او آءِ سي طرفان ردِعمل جو اظهار ڪندي پاڪستان جي سفير خليل هاشمي چيو ته ان ٺهراءَ جي مخالفت ڪندڙن وٽ سياسي، قانوني ۽ اخلاقي جرئت جي کوٽ آهي ۽ ڪائونسل کي انهن مان اهڙي ئي رويي جي اُميد هئي. هن چيو ته ٺهراءَ خلاف ووٽ ڏيندڙ مل?? مسلمانن ۽ ٻين مذهبن جي ماڻهن کي اهو پيغام ڏنو آهي ته مذهبي نفرت کي روڪڻ لاءِ سندن عزم رڳو بيان بازيءَ تائين محدود آهي، جن مل??ن ٺهرائن جي حق ۾ ووٽ ڏنو انهن ۾ الجيريا، ارجنٽائن، بنگلاديش، بوليويا، ڪيمرون، چين، آئيوري ڪوسٽ، ڪيوبا، اريٽيريا، گبون، گيمبيا، ڀارت، قازخستان، ڪرغزستان، ملاوي، ملائيشيا، مالديپ، مراڪش، پاڪستان ۽ قطر شامل آهن. سينيگال، صوماليه، ڏکڻ آفري??ا، سوڊان، يوڪرين، گڏيل عرب امارت، ازبڪستان ۽ ويٽنام پڻ شامل آهن. جڏهن ته بيلجيم، ڪوسٽاريڪا، جمهوريه چيڪ، فن لينڊ، فرانس، جرمني، لٿوانيا، لگزمبرگ، مونٽي نيگرو، رومانيه، برطانيه ۽ آمريڪا قرارداد خلاف ووٽ ڏنا. قرارداد جي حوالي سان اولهه جي مل??ن جون بدگمانيون سامهون رکندي پاڪستاني سفير چيو ته اهي قدم اظهار جي آزاديءَ جي حق کي گهٽائڻ جي ڪوشش نٿا ڪن. ان جو مقصد خاص فرضن ۽ ذميدارين سان گڏ ان حق جي ا??تعمال وچ ۾ هڪ محتاط توازن قائم ڪرڻو آهي. هن چيو ته مونکي افسوس آهي ته ڪجهه رياستن مذهبي نفرت جي لعنت کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي ذميدارين کان ڪناره ڪشي ا??تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٺهراءَ جو متن متوازن، موضوعاتي ۽ حل تي ٻَڌل هو. ٺهراءَ جي متن کي ڪنهن به مل?? کي نشانو نه بڻايو ويو هو پر ان جو مقصد مذهبي مقدس شين جي توهين جي روڪ??ام جي عدم موجودگي، قانوني روڪ??ام ۽ ڄاڻي واڻي توڙي انساني حقن جي نظام جي ا??رن بابت مسئلن کي حل ڪرڻ آهي.