اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت آئين ۽ قانون کان مٿان??ون ڪوبه ضابطو ج??ري نه ڪندي. توانائي و??ري نگران وفاقي وزير محمد علي ۽ توانائي و??ري سيڪريٽري راشد محمود لنگڙيال سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته نگران حڪومت پنهنجي آئيني مينڊيٽ کان مٿان??ون ڪو به قدم نه کڻندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ بجلي جي وڌندڙ قيمتن جي عنصرن ۾ بجلي چوري سڀ کان و??و عنصر آهي، هر سال 589 ارب رپين جي بجلي چوري ٿئي ٿي. توانائي جي شعبي ۾ سڌارا وقت جي ضرورت آهن. اطلاعات و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته اڄ جي پريس ڪانفرنس بجلي چوري بابت آهي، جڏهن ته بجلي جي بلن ۾ اضافي جي پـٺيان ٻين عملن بابت وڌيڪ ميڊيا بريفنگ ڏني ويندي. هن چيو ته نگران حڪومت ايندڙ ڏينهن ۾ بجلي جي صارفين کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن بابت به ميڊيا کي آگاهه ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪنهن وزير کي مفت بجلي فراهم نه پئي ڪئي وڃي. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر ۽ اي پي پي جو ايم ڊي محمد عاصم کچي به موجود هو.