لاهور – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ انسٽيٽيوٽ فار آرٽ اينڊ ڪلچر جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري ??هرين تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ فار آرٽ اينڊ ڪلچر جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وزيراعظم کي هٿ سان ٺهيل پورٽريٽ بطور تحفو پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم تقريب کي خطاب ۾ ملڪي معي??ت جي بهتري ??اءِ هنرمند نوجوانن جي اهميت جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته مستقبل جي معمارن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ پاڪستان حڪومت مڪمل تعاون ۽ سهولتون فراهم ڪندي رهندي. معاشري جي ترقي لاءِ فنون لطيفه ۽ ثقافتي ورثي جو فروغ انتهائي اهم آهي. معاشري ۾ امن، هم آهنگي ۽ رواداري ??ڌائڻ جي لاءِ فنون لطيفه ۽ ثقافتي ورثي جو فروغ اهم ڪردار ادا ڪري ??و. هن اداري جي شاگردن کي فارغ ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني.