اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت 4525 ارب رپيا ماليت جا 90 ڪروڙ پنج لک نوٽ گردش هيٺ آهن. سينيٽ ??ي اجلاس ۾ سينيٽر محسن عزيز جي 5 هزار رپين جي نوٽ بابت رٿ تي بحث سهيڙيندي نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته پنج هزار جو نوٽ پهريون ڀيرو 27 مئي 2006ع تي جاري ٿيو هو، هن وقت ملڪ ۾ 90 ڪروڙ پنج لک نوٽ گدش هيٺ آهن جن جي ماليت 4525 ارب رپيا آهي. هن چيو ته اسٽيٽ ??ئنڪ جيڪو به ڪرنسي نوٽ جاري ڪري ٿي يا پوءِ ختم ڪري ٿي اهو باقاعده قانون موجب هوندو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ اسٽيٽ ??ئنڪ ايڪٽ ۾ ترميم ڪري اسٽيٽ ??ئنڪ ڪجهه وڌيڪ ئي آزاد ڪيو ويو هو، اهو بنيادي اقتصادي پاليسي جو معاملو آهي، مختصر مدي جي لاءِ ايندڙ نگران حڪومت بدران ايندڙ پارليامينٽ اسٽيٽ ??ئنڪ جي آزادي جي حوالي سان ڪو فيصلو ڪري ته مناسب ٿيندو، جيڪڏهن اهو معاملو بحث هيٺ آندو وڃي ته ناڻي واري نگران وف??قي وزير ان جو جواب ڏيندي، اسان اهي منظر ڏسڻ نه ٿا چاهيون جيڪي اسان جي پاڙيسري ملڪ ۾ ڊي موناٽائيزيشن جي وقت نظر آيا هئا. ان کان اڳ رٿ تي ڳالهائيندي سينيٽر محسن عزيز چيو ته ملڪ ۾ 5 هزار رپين جو نوٽ ناڻي واڌ ۽ بدعنواني جو سبب آهي، ان کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻ?? گهرجن. سينيٽر وليد اقبال چيو ته 5 هزار رپين جو نوٽ جمع ڪرائيندڙن جو رڪارڊ پڻ جوڙ?? گهرجي.