اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي متحرڪ، سگهاري ۽ ذميوار ميڊيا منظرنامي کي فروغ ڏيڻ جي حڪومتي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اڄ اسان کي ميڊيا جي شعبي ۾ ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، ٽيڪنالاجي جي تيز رفتار ترقي ميڊيا ۾ استعمال ٿيندڙ طريقن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ان چئلينجنگ ماحول ۾ اسان جو بنيادي ڌيان پاڪستاني ميڊيا ??نڊ??ٽري کي مضبوط بڻائڻ تي هجڻ گهرجي. اها ڳالهه هن اطلاعات واري ??فاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ اڳوڻي سيڪريٽري ظهور احمد سان ملاقات دوران چئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي شاهيره شاهد کي اطلاعات جي سيڪريٽري جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سيڪريٽريٽ گروپ جي سينيئر آفيسر اڳوڻي سيڪريٽري ظهور احمد جي اطلاعات واري ??زارت ج?? لاءِ خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ اطلاعات واري ??زارت جي ڪارڪردگي، ميڊيا ??نڊ??ٽري کي درپيش چئلينجز ۽ موقعن، ٻاهرئين م??ڪ پاڪستان جي مثبت اميج کي فروغ ڏيڻ ۾ وزارت جي ڪردار سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ ميڊيا ??نڊ??ٽري کي درپيش چئلينجن ۽ موقعن کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ ميڊيا ??نڊ??ٽري سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته وفاقي اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ اڳوڻو سيڪريٽري ظهور احمد قابل آفيسر آهن، انهن سان گڏ ڪم ڪرڻ منهنج?? لاءِ فخر جو سبب آهي. هن چيو ته حڪومت متحرڪ، سگهاري ۽ ذميوار ميڊيا منظرنامي کي فروغ ڏيڻ ج?? لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اڄ اسان کي ميڊيا جي شعبي ۾ ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. ٽيڪنالاجي تيز رفتار ترقي ميڊيا ۾ استعمال ٿيندڙ طريقن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ان چئلينجنگ ماحول ۾ اسان جو بنيادي ڌيان پاڪستاني ميڊيا ??نڊ??ٽري کي مضبوط بڻائڻ تي هجڻ گهرجي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان کي عالمي سطح تي پاڪستان جي مثبت تشخص، پنهنجي ڀرپور ثقافتي ورثي ?? سماجي ۽ اقتصادي ڪاميابين کي دنيا آڏو پيش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ميڊيا جي آزادي ۽ صحافين جي حقن جو تحفظ اسان جو پختو عزم آهي. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات جو شعبو پاڪستان جي مستقبل جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ??و.