راولپنڊي-27 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سر??را??ه جنرل سيد عاصم منير سان سعودي لينڊ فورسز جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل فهد بن عبدالعزيز المتائر ملا??ات ڪئي. ملا??ات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جا معاملا بشمول سلامتي ۽ دفاع جي شعبي ۾ سهڪار سميت ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ معزز مهمان آرمي چيف سان ملا??ات ڪئي. ملا??ات ۾ ع??ائقائي صورتحال جي روشنيءَ ۾ فوجي تربيت بابت به ڳالهيون ڪيون ويون. مهمان شخصيت دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڏنل قربانين تي خراجِ تحسين پيش ڪيو. آرمي چيف مهمان شخصيت جي آجيان ڪندي چيو ته سعودي عرب سان پ??ڪس??ان جا ويجها ناتا آهن، پ??ڪس??ان انهن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ان کان اڳ مهمان شخصيت جي جي ايڇ ڪيو آمد تي پاڪ فوج جي هڪ جٿي کيس سلامي پيش ڪئي.