اسلام آباد – 03 – نومبر (اي ??ي پي) نگران وزيراعظم ??نوارالحق ڪاڪڙ گوادر ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي دهشتگردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ڪ??هن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، پوري قوم دهشتگردي جي ان ناسور جي خاتمي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم ??فيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم ??ملي ۾ شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي 14 اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ڪ??هن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، شهيدن ملڪ جي حفاظت جي خاطر ??نهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن چيو ته مون سميت پوري پاڪستاني قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، دهشتگردن جا اهڙا بزدلاڻا حملا پاڪستاني قوم ۽ ان جي رکوالن جا حوصلا ڪ??هن به ڪمزور نه ڪري سگهندا، پوري قوم دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.