اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ ايئرپورٽس جي آپريشنز جي آئوٽ سورسنگ جي عمل کي تيز ڪيو وڃي ۽ ان ۾ شفافيت کي مرڪزي حيثيت ڏني وڃي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??را??ظم سان هوابازي واري صلاحڪار ايئر مارشل (ر) فرحت حسين اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هوابازي واري صلاحڪار نگران وز??را??ظم کي وزارت جي معاملن ۽ حڪومت ج?? هوابازي جي شعبي ۾ سڌارن ??ي حوالي سان تفصيلي طور آگاهه ڪيو. نگران وز??را??ظم کي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي نجڪاري ۽ ايئرپورٽ آپريشن جي آئوٽ سورسنگ جي عمل تي اڳڀرائ?? بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. نگران وز??را??ظم هدايت ڪئي ته پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ ايئرپورٽس جي آپريشنز جي آئوٽ سورسنگ جي عمل کي تيز ڪيو وڃي ۽ ان ۾ شفافيت کي مرڪزي حيثيت ڏني وڃي. نگران وز??را??ظم چيو ته پاڪستان ج?? هوابازي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي. حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ ملڪي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ادارن ??ي نجڪاري ڪري قومي خزاني کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ سرفهرست آهي.