اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪ جي اهڙن حصن ۾ رستن جي ترجيحي بنيادن تي تعمير ۽ بحالي جي فوري ضرورت آهي جتي ٻاهرئين سيڙپڪاري متوقع آهي، بلوچستان ۾ رستن جي نيٽ ورڪ تي خصوصي ڪم جي ضرورت آهي، ڪراچي کان چمن رستي جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جو رڪيل ڪم جلد کان جلد شروع ڪي?? وڃي، نئين رستن جا منصوبا تيار ڪندي تفصيلي منصوبابندي ۽ وسيلن جي بهترين استعمال کي يقيني بڻاي?? وڃي ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ فائدو پهچائي سگهجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي حوالي ??ان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ مواصلات واري نگران وفاقي وزير شاهد اشرف تارڙ، ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، منصوبابندي واري نگران وفاقي وزير سميع سعيد، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي مختلف منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ??ان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چ??و ته ملڪ ۾ رستن جي تعمير ۽ ترقي جي حوالي ??ان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چ??و ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي جي لاءِ بهترين انفراسٽرڪچر اهم حيثيت رکي ٿو، رستن جو ڄار وڇائڻ کانسواءِ ترقي ۽ خوشحالي جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي. نگران وزيراعظم چ??و ته ملڪ جي اهڙن حصن ۾ روڊ انفراسٽرڪچر کي ترجيحي بنيادن تي ??اه?? جي ضرورت آهي جتي ٻاهرئين سيڙپڪاري متوقع آهي، بلوچستان ۾ روڊ انفراسٽرڪچر تي خصوصي ڪم جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪراچي کان چمن رستي جي نئين سر تعمير جو ڪم جلد کان جلد شروع ڪي?? وڃي، ڪراچي – چمن رستي جي تعمير ??ان نه رڳو بلوچستان کي عوام کي فائدو ٿيندو پر ملڪ جي ٻين علائقن کي پڻ هڪ بهترين متبادل لنگهه ملندو. نگران وزيراعظم چ??و ته بهتر رستا ملڪ جي ترقي ۽ بهتر مستقبل جي لاءِ جيڪو ڪردار ادا ڪن ٿا ان کي انگن اکرن ۾ ماپڻ مشڪل آهي. هن هدايت ڪئي ته نئين رستن جا منصوبا تيار ڪندي تفصيلي منصوبابندي ۽ وسيلن جي بهترين استعمال کي يقيني بڻاي?? وڃي ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ فائدو پهچائي سگهجي.