اسلام آباد- 06 ??ي??رو??ي (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عام چونڊ ۾ حصو وٺندڙ سمورين سياسي پا??ٽين ۽ اميدوارن کي خبردار ڪيو آهي ته ضابطه اخلاق مطابق عام چونڊن جي ڏينهن پولنگ اس??يش??ن جي 400 ميٽرن جي حدن ۾ ڪنهن به قسم جي مهم ۽ ووٽرن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ قائل ڪرڻ ۽ ڪنهن خاص اميدوار لاءِ مهم هلائڻ تي پا??ندي هوندي. هتي جاري بيان ۾ ترجمان چيو ته پولنگ اس??يش?? جي 100 ميٽر اندر ڪنهن خاص اميدوار جي حق ۾ ووٽ وِجهڻ لاءِ ووٽر جي حوصله افزائي يا ان کي ووٽ نه ڏيڻ لاءِ حوصله شڪني تي ٻَڌل نوٽيس، علامتون، بينر يا جهنڊا لڳائڻ تي مڪمل پا??ندي هوندي. جڏهن ته سياسي پا??ٽيون، اميدوار، اليڪشن ايجنٽ يا ان جا حمايتي، پولنگ واري ڏينهن ٻهراڙي وارن علا??قن ۾ پولنگ اس??يش?? کان 400 ميٽر يا شهري علا??قن ۾ 100 ميٽرن جي مفاصلي تي پنهنجي ڪيمپ لڳائي سگهندا. ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر، رٽرننگ آفيسر ۽ پوليس انتظاميه ڄاڻايل مٿين شقن تي عملدرآمد تي يقيني بنائڻ جا ذميوار هوندا، ان جي خلاف ورزي غير قانوني فعل تصور ڪئي ويندي، جنهن تي قانون مطابق سخت ڪارروائي ٿيندي.