اسلام آباد- 13 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن بابت نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز گهرو سيڪريٽري آفتاب اڪبر دراني سان گڏ نيشنل ڊيٽابيس رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) ۽ فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آ??ِ اي) هيڊ ڪوارٽرز جو دؤرو ڪيو، جتي اعليٰ عملدارن کيس اداره جاتي معاملن تي بريفنگ ڏني. گهرو وزارت جي ترجمان مطابق نادرا هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ تي نادرا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل منير افسر گهرو وزي?? جي آجيان ڪئي. نادرا عملدارن ط??فان گهرو وزير کي اداري بابت بريفنگ ڏني وئي. گهرو وزير چيو ته نادرا انٽرنيشنل اسٽينڊرڊ جو حامل ادارو آهي ۽ اسان جو اهم قومي اثاثو آهي. گهرو وزير چيو ته شناختي دستاويز کي حاصل ڪرڻ شهرين جو بنيادي حق آهي ۽ ??ن سلسلي ۾ کين هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ايف آ??ِ اي جي دؤري جي موقعي تي ڊي جي ايف اءِ گهرو وزي?? جي آجيان ڪئي. ايف آ??ِ اي عملدارن گهرو وزير کي بريفنگ ڏني.