اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پارليامينٽ هائوس جي پريس گيلري جو دورو ڪيو ۽ صحافين مان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلا??ات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت آئين ۽ قانون تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪيون آهن. هن چيو ته صحافي ملڪ ۾ جمهوريت ۽ اظهار راءِ جي آزادي جو اهم ٿنڀ آهن، صحافي معاشري جي لاءِ هڪ آئينو آهن، اهي عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڪن ٿا. هن چيو ته نگران حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي تحفظ جي لاءِ پڻ قدم کنيا. ان موقعي تي صحافين پريس گيلري جو دورو ڪرڻ تي اطلا??ات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جا ٿورا م??يا. هنن مرتضيٰ سولنگي جي اطلا??ات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جي حيثيت سان نگران حڪومت جي ??ور ۾ ڪردار کي پڻ ساراهيو.