اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته الحمدالله! اڄ ملڪ ۾ جمهوري عمل جاري آهي، پهرين ڏينهن کان چئي رهيا هئاسين ته چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون، نگران حڪ??مت وقت سر چونڊون ڪرايون ۽ اڄ ملڪ ۾ نيون اسيمبليون وجود ۾ اچي چڪيون آهن، اميد آهي نئين حڪ??مت عوام جي اميد?? تي پورو لهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارلياماني معاملن واري وزارت ۾ پنهنجي اعزاز ۾ منعقد الوداعي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي نگران حڪ??مت جي دور ۾ پارلياماني معاملن واري وزارت جي ڪارڪردگي ۽ تعاون کي ساراهيو. تقريب کي خطاب ڪندي نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته عوام جي شرڪت کانسواءِ جمهوريت ??امياب نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته اميد آهي نئين حڪ??مت عوام جي اميد?? تي پورو لهندي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پارلياماني معاملن واري نگران وف??قي وزير جي حيثيت سان پارليامينٽ جي اجلاسن ۾ شرڪت منهنجي لاءِ اعزاز جو سبب آهي، آئون پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ سمورين سياسي پارٽين جا به ٿورا مڃان ٿو جن نگران حڪ??مت جي دور ۾ مون سان تعاون ڪيو. ان موقعي تي پارلياماني معاملن واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري نگران دور ۾ پارلياماني معاملن واري وزارت جي ڪارڪردگي ۽ قدمن کان آگاهه ڪيو. تقريب جي آخر ۾ نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي سڀني سان ملاقات ڪئي.