اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪوٽ ڊي واغ ??ان اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪوٽ ڊي واغ کي پاڪستاني چانور، طبي ۽ جراحي اوزارن، دوائن ۽ راند??ن جي سامان جي برآمدات وڌائڻ جا تمام وڌيڪ امڪان موجود آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڪوٽ ڊي واغ (آئيوري ڪوسٽ) لاءِ پاڪستان جي نامزد سف??ر محمود اختر محمود سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جا ڪوٽ ڊي واغ ??ان خوشگوار لاڳاپا آهن، نامزد سف??ر آئيوري ڪوسٽ سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا اڳتي وڌائڻ جا موقعا ڳولي. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته نامزد سف??ر ڪوٽ ڊي واغ ??ان عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جا امڪان پڻ ڳولي، هو ڪوٽ ڊي واغ ??ان ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري. صدر آصف علي زرداري محمود اختر محمود کي ڪوٽ ڊي واغ ۾ بطور پاڪستاني سف??ر مقرري تي مبارڪباد پڻ ڏني.