اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ٽانڪ ڊيره اسماعيل خان ۽ باغ ضلعي خيبر ۾ پاڪ فوج جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين جڏهن ته ??هادت ماڻيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيرا??ظم باغ ضلعي خيبر ۾ آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ 5 جوانن نائيڪ محمد اشفاق بٽ، لانس نائيڪ سيد دانش افڪ??ر، سپاهي تيمور ملڪ، سپاهي نادر صغير ۽ سپاهي محمد ياسين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پاڪ فوج جي جوانن پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ دهشتگرد عنصرن جي خاتمي لاءِ ڪا??رو??ئي ڪئي، الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيرا??ظم چيو ته مون سميت پوري قوم شهيدن جي گهرڀاتين کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن ملڪي سلامتي کي سدائين پنهنجي جانين تي فوقيت ڏني. وزيرا??ظم چيو ته ??هشتگر??ي جي ناسور جي ملڪ مان خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، پوري قوم دهشتگر??ي جي خلاف ان جنگ ۾ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.