اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سارڪ چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن جي لاءِ پاڪستان جو عزم اڻٿڪ آهي، پاڪستان سار?? کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ا??ا ڪندو رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب سائوٿ ايشين ايسوسيئيشن فار ريجنل ڪوآپريشن (سارڪ) جي سيڪريٽري جنرل محمد غلام سرور جيڪو پاڪستان جي پنهنجي پهرين دوري تي آهي، هن وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم کيس سارڪ جي 15 هين سيڪريٽري جنرل جي طور تي مقرري تي مبارڪباد ڏني. هن اميد ظاهر ڪئي ته سيڪريٽري جنرل تنظيم جي بح??لي جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ا??ا ڪندو، جيئن ته سيڪريٽري جنرل سارڪ جو تعلق بنگلاديش سان آهي، وزيراعظم بنگلاديش جي وزيراعظم جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان بنگلاديش سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. علائقائي ڏس ۾ وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سارڪ ۾ علائقائي ترقي، واپار، تعاون ۽ حصيداري جا تمام گهڻا امڪان آهن. هن سارڪ جي خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن سارڪ چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان سار?? کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ا??ا ڪندو رهندو. سيڪريٽري جنرل سارڪ شاندار ميزباني تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ سار?? کي علائقائي تعاون جي لاءِ هڪ موثر پليٽ فارم بڻائڻ جي پنهنجي عزم کان آگاهه ڪيو. هن پنهنجي وفد جي مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا پڻ مڃيا.