ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، حڪومت ڪاروبار دوست پاليسين ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪري ملڪ ۾ نجي شعبي جي ترقي يقيني بڻائي رهي آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف سان چيئرمين ابوظهبي فنڊ فار ڊي??لپ??ينٽ جي ڊائريڪٽر جنرل محمد سيف السُويدي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ وز??را??ظم حڪومت پاران معاشي استحڪام جي لاءِ سڌاراجاتي قدمن تي روشني وڌي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وز??را??ظم چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، گڏيل عرب امارات جي قيادت خاص طور تي شيخ محمد بن زيد النهيان جا ٿورائتا آهيون جنه?? سدائين پاڪستان جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي. هن چيو ته حڪومت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، حڪومت ڪاروبار دوست پاليسين ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن کي سهولت ڏئي ملڪ ۾ نجي شعبي جي ترقي يقيني بڻائي رهي آهي. هن چيو ته اماراتي ڪمپنين جي پاڪستاني ڪمپنين سان تعاون سان ٻنهي ملڪن جي واپاري لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافو ٿ??ندو. ملاقات ۾ وز??را??ظم ابوظهبي فنڊز فار ڊي??لپ??ينٽ جي وفد کي پاڪستان اچڻ جي دعوت پڻ ڏني.