اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انٽرميڊيئٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ لاهور جي امتحانن ۾ دانش اسڪول جي شاگرد محمد آيان ڪاشف کي پهريون نمبر اچڻ تي مبارڪباد ڏني آهي ۽ چ??و آهي ته دانش اسڪول جو دائرو سڄي پاڪستان ۾ ڦهلائينداسين ۽ علم جي نور سان ملڪ ۾ تبديلي آڻينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته دانش اسڪول ميانوالي جي محمد آيان ڪاشف بورڊ جي امتحان ۾ 1190 نمبر کڻي پ??هن??ي قابليت مڃرائي آهي. محمد آيان، سندس گهرڀاتين ۽ استادن کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته دانش اسڪول جون ٻ??رڙ??ون ۽ ٻار نئون مثال بڻجي اڀري رهيا آهن. دانش اسڪول جو دائرو سڄي پاڪستان ۾ ڦهلائينداسين ۽ علم جي نور سان ملڪ کي تبديلي آڻينداسين. وزيراعظم بو??ڊ امتحان ۾ ٻيو نمبر ايندڙ ماز حيدر ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ ماهين سجاد، سائنس گروپ ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪندڙ ٽن شاگردياڻين عب??را اشرف، زينب آصف ۽ سحر شڪيل کي به مبارڪباد ڏني آهي.