اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته چين جي حڪومت جي سهڪار سان ??لوچستان ۾ ”شي پاور“ منصوبي جي شروعات واکاڻ جوڳي آهي، منصوبو پاڪستان ۽ چين جي مضبوط بنيادن تي هموار دوستي جو هڪ ٻيو زنده مثال آهي. چيني سفارتخاني ۾ بلوچستان ??ي عورتن جي صحت جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسڪولن جي ڇوڪرين ۾ 20 هزار هيلٿ ڪٽس ورهائڻ سان نه رڳو صحت سان ڳنڍيل معاملن ک??ن واقفيت وڌندي پر اها ٻارڙين جي پرورش ۾ به مددگار ثابت ٿيندي. صحتمند ۽ تعليم يافته عورتون خوشحال ۽ ترقي يافته معاشري جو بنياد آهن. هن چيو ته اسپيڪر طور مون هميشه عورتن ۽ ٻارن جي حقن ۽ تحفظ لاءِ قدم کنيا آهن. عورتن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ قانونسازي سان گڏ پارلياماني ويمن ڪاڪس، ايس ڊي جيز ٽاسڪ فورس، جينڊر مين اسٽريمنگ بابت پارلياماني ڪميٽي جو قيام عمل ۾ آندو. پاڪستان ۽ چين هميشه هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. چين پاڪستان ??ي معاشي ۽ سماجي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پاڪ -چين اقتصادي راهداري منصوبو ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي ۾ واڌ خو?? آئنده آهي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان هن دوستي کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش کي نا??ام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان ۽ چين هميشه دنيا ۾ امن کي هٿي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. بلوچستان منهنجي دل جي ويجهو آهي. بلوچستان ??ي عوام کي درپيش مسئلن جو حل هميشه ترجيحن ۾ رهيو آهي. پاڪستان ??ي ترقي بلوچستان ??ي ترقي سان ڳنڍيل آهي. بلوچستان ??ي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ چين جو سهڪار واکاڻ جوڳو آهي. چيني سفير جيانگ زائيڊنگ تقريب ۾ شموليت تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو ٿورو مڃيو.