ڪراچي-03 آگسٽ (اي پي پي)ڪراچي يونيورسٽي ۾ يوم استحصال ”ڪشمير جو بحران“ جي عنوان ??ان سيمينار 5 آگسٽ تي ٿيندو. جاري پڌرائي مطابق سيمينار جو بندوبست يونيورسٽي جي شاگردن جي معا??لن واري صلاحڪار آفيس ڪيو آهي، جيڪو صبح 11 وڳي چائنيز ٽيچرز ميموريل آڊيٽوريم ۾ ٿيندو. سيمينار جي صدارت يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خا??د محمود عراقي ڪندو جڏهن ته اڳوڻو سفير ۽ تجزيه نگار جميل احمد خان، پاڪستان اس??ڊي سينٽر ڪراچي يونيورسٽي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر سيد جعفر احمد ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي سياسيات واري شعبي جي اڳوڻي چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر تنوير خالد پڻ خطاب ڪندا.