فيصل آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي عظيم سپوت ۽ سيپٽمبر 1965ع جي جنگ جي هير?? ميجر راجه عزيز ڀٽي شهيد (نشان حيدر) جو شهادت جو ڏهاڙو 12 سيپٽميبر خميس ڏينهن انتهائي عقيدت ۽ احترام ??ان ملهايو ويندو. ميجر راجه عزيز ڀٽي شهيد 12 سيپٽمبر 1965ع تي پاڪ ڀارت جنگ دوران لاهور جي محاذ ۾ وڙهندي شهادت ماڻي. هن کي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي سڀ کان وڏو اعزاز نشان حيدر سان نوازيو ويو. ورسي جي موقعي تي شهيد جي آخري آرام گاهه تي گلن جي چادر چ??ڙه?? فاتحه خواني ڪئي ويندي. ان موقعي تي مسجدن ۾ قرآن خوانين جو به انتظام ڪيو ويو آهي.