اسلام آباد -11 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته ب??باءِ قوم قائداعظم ??حمد علي جناح هڪ عظيم اڳواڻ ۽ ذهين انسان هو، پاڪستان جو ٺهڻ سندس اڻٿڪ ڪوششن جو نتيجو آهي. باباءِ قوم قائداعظم ??حمد علي جناح جي يوم وفات تي پنهنجي خاص پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته قائداعظم ??حمد علي جناح پنهنجي اعليٰ ڪردار، مستقل مزاجي ۽ جدوجهد سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي ??ڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري الڳ ملڪ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ۽ ٻه قومي نظرئي جي بنياد تي پاڪستان جو وجود کي عملي جامو پهرايو. پاڪستان جو قيام قائداعظم ??حمد علي جناح جي اڻٿڪ ڪوششن جو نتيجو آهي، پوري قوم پاڪستان جي باني جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي ۽ سدائين سندس احسانمند رهندي، باباءِ قوم جي دورانديشي ۽ سياسي ڏاهپ قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ اتحاد، ايمان ۽ نظم ?? ضبط جهڙا رهنما اصول ڏنا. هن چيو ته اڄ اسان کي جن مشڪلاتن کي ??نهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، انهن تي ??ابطو آڻڻ جو واحد رستو قانون ۽ آئين تي ??ملدرآمد ڪرڻ سان آهي. اسان کي ??اڪستان جي باني جي رهنما اصولن تي ??مل ڪندي پنهنجي مستقبل کي روشن بڻائڻ لاءِ هر قسم جي اختلافن کان مٿانهون ٿي امن، ترقي ۽ جمهوري روين کي ??روان چاڙهڻ گهرجي. سيد يوسف رضا گيلاني دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان سڀني کي ??ائداعظم جي نقش قدم تي هلندي وطن عزيز جي تعمير ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.