اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته حضرت محمد ﷺ رهندي دنيا تائين انسانيت جي لاءِ هدايت جو سرچشمو آهي، سندن سيرت طيبه اسان کي ??ندگي جي هر شعبي ۾ رهنمائي فراهم ڪري ٿي، موجوده دور ۾ درپيش چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ بحيثيت قوم ۽ بحيثيت مسلمان امت اسوه حسنه کي پنهنجي زندگي جو حصو بڻائڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار صدر 12 ربيع الاول 1446هه / 2024ع جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پوري قو?? کي 12 ربيع الاول جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏي??دي چيو آهي ته الله تعاليٰ هن مبارڪ مهيني ۾ اسان کي پنهنجي محبوب خاتم النبيين حضرت محمد ﷺ جي ولادت جي صورت ۾ عظيم نعمت عطا فرمائي. پاڻ ﷺ رهندي دنيا تائين انسانيت جي لاءِ هدايت جو سرچشمو آهن. هي ڏي??هن هر مسلمان جي دل ۾ عشق رسول ﷺ جو ڏيئو روشن ڪري ٿو ۽ اسان کي ??ن پيغام جي ياد ڏياري ٿو جيڪو ظلمت کي مٽائي نور جو مينار بڻيو. صدر چيو ته الله تعاليٰ رسول الله ﷺ جي زندگي کي ??سان جي لاءِ بهترين نمونو قرار ڏنو. پاڻ ﷺ جي سيرت طيبه اسان کي ??ندگي جي هر شعبي ۾ رهنمائي فراهم ڪري ٿي. پاڻ ﷺ عدل ۽ انصاف تي ٻڌل معاشرو قائم ڪيو جتي هر ماڻهو، ڀلي اهو امير هجي يا غريب، عزت ۽ وقار سان رهي سگهندو هو. صدر چيو ته رسول الله ﷺ ارشاد فرمايو ته بهترين انسان اهو آهي جيڪو ٻين کي نفعو پهچائي جيتوڻيڪ هن مبارڪ موقعي تي اسان کي نبي اڪرم ﷺ جي انسانيت سان محبت ۽ همدرديءَ جي پيغا?? کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڻ ﷺ سدائين ٻين جي مدد ۽ نصرت جو درس ڏنو. يتيمن جو خيال هجي، غريبن جي مدد هجي يا بيمارن جي تيمارداري، پاڻ ﷺجي زندگي هر لمحي انسانيت جي خدمت جو عملي نمونو آهي. هن چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي پيغا?? کي ڦهلائڻو آهي جيڪو محبت، رواداري ۽ انساني حقن جو ضامن آهي. هنن هر انسان، ڀلي اهو مسلمان هجي يا غيرمسلم هجي سان احترام ۽ عزت جو سلوڪ ڪيو. اسان کي ??ه انهي جذبي تحت سڄي دنيا ۾ ڀائيچاري، عدل ۽ محبت کي فروغ ڏيڻو آهي. صدر چيو ته اچو هن مبارڪ ڏي??هن کي ??نسانيت جي ڀلائي جي لاءِ وقف ڪريون ۽ نبي اڪرم ﷺجي تعلي?? کي پنهنجي عمل جو حصو بڻايون. منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي ??من، ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن رکي ۽ اسان کي نبي ڪريم ﷺ جي سيرت طيبه تي عمل پيرا ٿيڻ جي توفيق عطا فرمائي.