اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) ليفٽيننٽ جن??ل محمد عاصم ملڪ ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو ويو آهي، هو 30 سيپٽمبر تي پنهنجون نيون ذميواريون سنڀاليندو. ليفٽيننٽ جن??ل عاصم هن وقت جي ايڇ ڪيو ۾ ايڊوجوٽنٽ جنرل جا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. ليفٽيننٽ جن??ل محمد عاصم ان کان پهريان بلوچستان ۾ انفنٽري ڊويزن ۽ وزيرستان ۾ انفنٽري برگيڊ جي ڪمانڊ ??ري چڪو آهي. ليفٽيننٽ جن??ل محمد عاصم پنهنجي ڪورس ۾ اعزازي شمشير به حاصل ڪري چڪو آهي. ان کان علاوه چيف انسٽرڪٽر اين ڊي يو ۽ انسٽرڪٽر ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽه ۾ به مقرر رهي چڪو آهي. ليفٽيننٽ جن??ل محمد عاصم ليون ورٿ ۽ رائل ڪاليج آف ڊفينس اسٽڊيز ۾ گريجوئيٽ به آهي.