اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف زوب ضلعي ۾ فرنٽيئر ??ور جي پوسٽ تي دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪن??ي چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم حملي ۾ ٻن ??هشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. وزيراعظم دهشتگرد حملي ۾ حو??دار جمشيد خان جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهيد جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ استقامت جي دعا ڪئي. وزيراعظم محمد شهبا?? شريف چيو ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز جا جوان دهشتگردي جي خلاف شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهن، شهيدن جون قربانيون هرگز رائيگان وڃڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي.