اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف احتجاج جي لاءِ آيل مظاهرين جي هٿان پوليس اهلڪار جي شهادت جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي ۾ ملوث عنصرن ج?? فوري نشاندهي ڪري انهن کي سخت سزا ڏيارڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪانسٽيبل مبشر شهيد جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ ان جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم واقعي ۾ ملوث عنصرن ج?? فوري نشاندهي ڪري انهن کي سخت سزا ڏيارڻ ۽ احتجاج دوران پٿراءُ ۽ تشدد جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙ پوليس اهلڪارن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته نام نهاد پرامن احتجاج جي نالي تي پوليس اهلڪارن تي حملو مذمت جوڳو آهي، پوليس اهلڪار ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ ڊيوٽي تي م??رر آهن. وزيراعظم چيو ته 9 مئي تي م??ڪ گير فساد برپا ڪندڙ هڪ ڀيرو ٻيهر پرتشدد ??ارروايون ڪري رهيا آهن، 46 سالن جي شهيد ڪانسٽيبل مبشر جي ننڍڙي عمر جي ٻارن جي دنيا شرپسند عنصرن جي هٿان اجڙي وئي. وزيراعظم چيو ته جڏهن جڏهن ملڪ ترقي جون ??نز??ون طئي ڪرڻ لڳي ٿو، شرپسند عنصر سڄي م??ڪ ۾ جلاءُ گهيراءُ شروع ڪري ڇڏين ٿا، مون سميت پوري قوم ڪانسٽيبل مبشر شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته ڪانسٽيبل مبشر هڪ اهڙي گروهه جي هٿان شهيد ٿيو جيڪو ملڪي ترقي جو دشمن آهي، نام نهاد امن پسند احتجاجين جو پوليس اهلڪارن کي زخمي ۽ شهيد ڪرڻ جو عمل مذمت جوڳو آهي.