اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پارليام??ني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ کي ٽيليفون ڪئي ۽ بجيٽ اجلاس جي لاءِ پارليام??ني معاملا بهترين انداز ۾ هلائڻ تي مبارڪباد ڏني، ڳالهه ٻولهه دوران اوورسيز پاڪستانين جي ووٽنگ رائٽ جي لاءِ قانونسازي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي دنيا وانگر پاڪستان ۾ به شفاف ووٽنگ سسٽم تي زور ڏنو. هن چيو ته اوورسيز پاڪست??ني قيمتي اثاثو آهن، فيصلاسازي ۾ شامل ڪرڻ گهرجي.