اسلام آباد – 16 جون (??ي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ??هي ته پاڪستان ان فلسطيني رياست جو خواهشمند ??هي جيڪا 1967ع کان اڳ هئي ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس هو، ان تي ڳڻتي ۽ ابهام جي ڪا گنجائش نه آهي، ??شمير تي اسان جو موقف اهو ئي ??هي جيڪو ماضي جي حڪومتن جو هو، ان تي قومي اتفاق راءِ آهي، پارلياماني اتفاق راءِ جي لاءِ هڪ پارلياماني ڪشمير ڪميٽي ٺاهڻ وڃي رهيا آهيون، ڪشمير ۾ 5 آگسٽ جي ڀارتي قدم کي پاڪستان تسليم نه ٿو ڪري، ??ارت جي سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبر بڻجڻ جو سوال ئي نه آهي، غيرمستقل ميمبر پاڪستان ۽ ڀارت 7، 7 ڀيرا رهيا آهن هاڻي ڀارت جڏهن ته 2026ع ۾ پاڪستان اٺون ڀيرو غيرمستقل ميمبر جي مهم شروع ڪري رهيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ خواجه محمد آصف پاران اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ??ئون واضح طور تي چوان ٿو ته ??ن خدشن جو اظهار خواجه آصف ڪيو ??هي انهن ۾ ڪا حقيقت نه آهي. اهو چيو ويو ته ??رب ملڪن جي موقف ۾ تبديلي آئي آهي، پاڪستان مسلمان ملڪن جي اثر هيٺ اچي ڪٿي پنهنجي پاليسي تي نظرثاني نه ڪري رهيو هجي ته ??ئين هرگز نه آهي.