اسلام آ??اد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گستاخانا خاڪن جي حوصلا افزائي سان اسلام ۽ اسان جي پيغمبر صه کي نشانو بڻايو پيو وڃ??، صدر رامانوئل ميڪرون جي اسلام کي سمجهڻ کانسواءِ نشانو بڻائڻ جي عمل يورپ ۽ سڄي دنيا جي لکين مسلمانن جي جذبن کي مجروح ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري هڪ پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته هڪ ليڊر جي ??ڃا??پ اها آهي ته هو ماڻهن کي متحد ڪندو آهي. نيلسن منڊيلا ماڻهن کي ورڇ ڪرڻ بدران انهن کي متحد ڪيو، هي وقت آهي ته صدر رامانوئل ميڪرو?? وڌيڪ ورڇ بدران انتهاپسندي کي روڪي.