اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان چيو آهي ته ضروري شين جي دستيابي ۽ قيمتن جو تعين صوبائي اختيار آهي، پر غريب عوام جي سهولت کي نظر ۾ رکندي هو پاڻ ان معاملي جي نگراني ڪري رهيا آهن، حڪ??مت جي هر ممڪن ڪوشش آهي ته عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي، اهو ضروري شين جي دستيابي ۽ قيمتن تي ڪنٽرول جي حوالي سان کنيل قدمن بابت جائزي اجلاس جي صدارت ڪري ر??يو هو، وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪڻڪ ۽ کنڊ جي صوبي ۾ دستيابي ۽ قيمتن جي ب??ري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اٽي جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضلعي انتظاميه جا آفيسر مسلسل مانيٽرنگ ڪري رهيا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ??لور ملز مالڪن سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي آهي.