اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ٽارگيٽيڊ سبسڊي جو اهڙو طريقيڪار جوڙ??و وڃي جنهن جو فائدو خاص طور تي غريب طبقي ۽ پٺتي پيل علائقن کي ملي، ان حوالي سان ٺ??س منصوبو عملدرآمد جي مدي سميت پيش ڪ??و وڃي. هو وفاقي ڪابينا جي ا??لاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اوڳاڙين واري خاص معاون ڊاڪٽر وقار مسعود ڪابينا کي سبسڊي ۽ گرانٽس جي طريقيڪار کي معقول بڻائڻ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ ڪابينا کي گذريل 13 سالن جي اوڳاڙين ۽ خرچن، سبسڊي ۽ گرانٽس جو تقابلي جائزو پيش ڪ??و ويو.