اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) جولاءِ کان ڊسمبر 2020ع جي لاءِ احساس ڪفالت جي ايندڙ قسط ايندڙ هفتي دوران سڄي ملڪ ?? جاري ڪئي ويندي، ان حوالي سان حصيدار بئنڪن، حبيب بئنڪ لميٽيڊ ۽ بئنڪ الفلاح سان سڀئي تياريون مڪمل ڪيون ويون آهي، ڪفالت قسط جاري ڪرڻ سان گڏ ئي ضرورتمند سڄي ملڪ ?? بايوميٽرڪ ادائيگي جي ذريعي رقم حاصل ڪري سگهندا، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري ڊويزن پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي خصوصي ص??احڪار ڊاڪٽر ثاني?? نشتر ايم ٽي ايمز ??ي ذريعي رقم ڪڍرائڻ جي معيار ۾ بهتري آڻڻ بابت تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ ميلوڊي مارڪيٽ اسلام آباد ۾ واقع ايڇ بي ايل برانچ جو دورو ڪيو، هن احساس ضرووتمندن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن کي اي ٽي ايم جي ذريعي بيلنس معلوم ڪرڻ جي طريقيڪار جي باري ۾ ٻڌايو، هن ان ڳالهه جو به جائزو ورتو ته ايڇ بي ايل ڪهڙي طرح غريب طبقي لاءِ سازگار ماحول مهيا ڪندو آهي.