اسلام آباد – 19 – مئي (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي اهم ترجيحن ۾ آبي ذخيرن جي تعمير ۽ پن بجلي جا منصوبا شامل آه??، مهمند ڊيم منصوبو مڪمل ٿيڻ سان 800 ميگاواٽ پن بجلي، 12 لک ايڪڙ فوٽ ايڪڙ پاڻي ذخ??رو ٿيندو جنهن سان 17 هزار ايڪڙ زمين آباد ٿي??دي، ان منصوبي تي ڪم سيپٽمبر 2019ع ۾ شروع ٿي?? جيڪو نومبر 2025ع ۾ مڪمل ٿي??دو. وزيراعظم جي مهمند ڊيم جي دوري جي حوالي سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان مهمند ڊيم سائيڊ جو دورو ڪيو اتي جاري ڪم جو جائزو ورتو، فرخ حبيب ٻڌايو ته مهمند ڊيم هائي??رو پاور پراجيڪٽ، ديامرڀاشا، داسو هائي??رو پاور، ڪرم تنگي ڊيم ملٽي پرپز، تربيلا ففٿ توسيع، برپوهائي??رو پاور پراجيڪٽ، سنڌ بيراج پراجيڪٽ، گريٽر ڪراچي بلڪ واٽر سپلائي اسڪيم (ڪي ٽو فور) ڪڇي ڪينال پراجيڪٽ ۽ نئين گنجي پراجيڪٽ مڪمل ٿيڻ سان مجموعي طور تي هڪ ڪروڙ 29 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو، 9 هزار ميگاواٽ پن بجلي ج?? پيداوار، 91 هزار 917 ايڪڙ اضافي زمينون آباد ۽ 35 هزار کان وڌيڪ نئين نوڪرين جا موقعا پيدا ٿي??دا.